ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان کي پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو سيڪيورٽي خطرو قرار ڏنو ويو آهي.پنهنجي بيان ۾ سعيد غني جو چوڻ آهي ته عمران خان پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو سيڪيورٽي خطرو آهي.27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي والاريل ڪشمير تي ڀارتي فوج قبضو ڪيو، اسان به ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.










