اسلام آباد (بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيئرمين عمران خان ٽيلي فونز ۽ ريلي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ ريزنگ ڪندو.اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ قيادت جو اجلاس ٿيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا سمورن صوبن ۾ متاثرن تائين امداد فراهم ڪندي.ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان ٽيلي فونز ۽ ملاقاتن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ گڏ ڪندو.پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته حقيقي آزادي جي تحريڪ ٻوڏ متاثرن جي امدادي سرگرمين سان گڏ جاري رهندي، سومر تي ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ٽيلي فون پڻ منعقد ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ٽائيگرز کي رضاڪارانه طور تي امدادي ڪمن لاءِ متحرڪ ڪيو ويندو.عمران خان اهو به چيو ته ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي سربراهي ۾ ڪميشن ٻوڏ متاثرن تائين امداد پهچائيندي.










