ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران پي ٽي آءِ ميمبرن جي اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ بعد بلوچستان ۾ پي ٽي آءِ جا ميمبر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن. عمران خان پاران صوبائي اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ بعد بلوچستان اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي، بلوچستان اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي 7 ميمبر چونڊجي آيا آهن، جن مان 3 بابر موسيٰ خيل جو وقتي اسپيڪر آهي. بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر نصيب الله مري تعليم جو وزير ۽ مبين خلجي معدنيات وارو صوبائي وزير آهي. تعليم واري وزير نصيب الله مري جي هن گروپ پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سردار يار محمد رند جي اڳواڻي ۾ اسيمبلي جي چئن ميمبرن جو گروپ سندس استعيفيٰ جي حق ۾ ناهي. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ بلوچستان جي سمورن ميمبرن جي استعيفيٰ باوجود صوبائي حڪومت تي ڪو به اثر نه پوندو.










