خان هڪ ڪال تي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿو

خان هڪ ڪال تي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته عمران خان هڪ ڪال تي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿو ملڪ جي معيشت ويهجي وئي آهي جيڪڏهن ملڪ بچائڻو آهي ته اليڪشن ڏانهن وڃڻو پوندو جيڪڏهن رانا ثناءُالله ڪا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو صحافين سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس اسان کٽنداسين ڇو ته جن ماڻهن کي پرڏيهي چيو ويو اهي سڀ پاڪستاني آهن ۽ پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ آهن هن چيو ته عمران خان ڪوئي اهڙو ڪم ناهي ڪيو جو عدالتن جا چڪر لڳائڻا پون هي فاشسٽ حڪومت عمران خان کي نااهل ڪرائڻ گهري ٿي اڳوڻي گورنر چيو ته عمران خان ملڪ جو سڀ کان وڏو ليڊر آهي سندس هڪ ڪال تي قوم نڪري سگهي ٿي ۽ هن حڪومتکي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿي هن چيو ته جيڪڏهن رانا ثناءُالله ڪا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو اليڪشن ئي مسئلن جو حل آهي جيڪڏهن ملڪ بچائڻو آهي ته اليڪشن طرف وڃڻو پوندو هن چيو ته عمران خان چيو ته ڪنهن کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو