عمران خان هميشه پوري ڪهاڻي ناهي ٻڌائيندو: اسد عمر

عمران خان هميشه پوري ڪهاڻي ناهي ٻڌائيندو: اسد عمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ آهي ته عمران خان هميشه سڄي ڳالهه نه ٿو ٻڌائي ۽ هميشه صحيح ڪري ٿو.ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو ته خان صاحب اسان سان اهي شيون شيئر ڪندو آهي جيڪي حساس نوعيت جون هونديون آهن.هن چيو ته لنڊن پلان جي دستاويز جي مون کي ڪا به خبر ناهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان جا اينڪرز به اهي ئي ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي عمران خان مهينن کان چئي رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪڏهن ڪڏهن ڳالهيون شيئر ڪري ٿو پر پنهنجي سوچ کي شيئر نٿو ڪري.اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وٽ جيڪا معلومات آهي اها اسان کان وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو