عمران خان نااهل قرار ڏيڻ تي پي ٽي آءِ جا مظاهرا، پوليس سان چڪريون

عمران خان نااهل قرار ڏيڻ تي پي ٽي آءِ جا مظاهرا، پوليس سان چڪريون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عمران خان هاڻي قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو، عمران خان جو جمع ڪرايل جواب درست نه هو، عمران خان بدعنواني ۾ ملوث رهيو آهي، سندس قومي اسيمبلي واري سيٽ کي خالي قرار ڏنو ٿو وڃي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن آفيسز ٻاهران احتجاج شروع ڪيا آهن، جنهن دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون به ٿيون آهن اسلام آباد پوليس خيبرپختونخواهه جي پوليس اهلڪار ۽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر صالح محمد کي اليڪشن ڪميشن آڏو فائرنگ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو اسلام آباد، راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ٻين هنڌن تي پي ٽي آءِ ڪارڪن سراپا احتجاج آهن، ڌرڻي دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي اسلام آباد ۽ ڪراچي جا اڪثر هنڌن تي ڌرڻا لڳل آهن، جنهن سبب بنهي شهرن ۾ ٽريفڪ معطل آهي، جڏهن ته چڪرين سبب ڏهڪاءُ پڻ پکڙيل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو