اسلام آباد(بيورو)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان عمران خان تي هڪ دفعو ٻيهر تنقيد ڪندي چيو ته هڪ فتني سان اسان جو واسطو آهي جنهن کي اسان چٿي چڪا آهيون پهريان چوندو هو ته آرمي چيف کي روانو ڪيو هاڻي چوي ٿو ته اسڪسٽيشن ڏيو آرمي چيف جي مقرري شهبازشريف ڪندو. هاڻي عمران خان چوي ٿو ته مان ڪال ڏيندس، حڪومت کي وڌيڪ وقت نٿو ڏئي سگهان عمران خان کان وقت گهريو ڪنهن آهي؟ اليڪشن اسان جي مرضي سان ٿيندي. اوهان اچو حڪيم ثناءُالله انتظار ۾ ويٺو آهي اهڙن خيالن جو اظهار مولانا فضل الرحمان جي يو آئي جي صوبائي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس جي صدارت سينيٽر مولانا عطاءالرحمان ڪئي جنهن ۾ صوبي جي جنرل ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي فضل الرحمان چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي نه آهي هي هڪ فتنو آهي هن چيو ته آزادي آزادي جي ڳالهه ڪندڙ اڳوڻي وزيراعظم اسلام آباد ۾ موجود هجڻ جي باوجود ڪنهن دٻاءُ تحت ڊاڪٽر عبدالقدير جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪئي هن چيو ته آمريڪين سان ڳجهيون ملاقاتون ۽ ان جي ڊڪٽيشن تي عمل ڪندڙ غلامن جو غلام پاڪستاني قوم کي بي وقوف بڻائي رهيو آهي اسرائيل ڀارت ۽ آمريڪا کان ڊالر وٺي ملڪ فوج ۽ ادارن جي خلاف سازش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته خود ان جي جماعت جي اڳواڻ سندس چوڌري پڪڙي ۽ اليڪشن ڪميشن ان کي چور ثابت ڪيو هن چيو ته آسيه ملعونه کي آزاد ڪري ان تي فخر ڪرڻ ۽ پرڏيهي ايجنڊي تي عمل ڪندڙ غلام ناهي ته ڇا آهي هن چيو ته حڪومت کي ٽائيم ڏيندڙ عمران خان کان اسان اقتدار کسي ان جو ٽائيم ختم ڪري ڇڏيو هاڻي هو 2023 تائين انتظار ڪري اليڪشن به اسانجي مرضي سان ٿيندي ۽ آرمي چيف جي مقرري حڪومت ۽ وزيراعطم جي مرضي سان ٿيندي. هن چيو ته قوم کي عمران ٻڌائي ته اسٽيٽ بئنڪ ڪنهن جي چوڻ تي آئي ايم ايف جي حوالي ڪئي. معيشت ۽ اقتدار جو ٻيڙو ٻوڙڻ کان پوءِ هاڻي ادارن عدليه فوج اليڪشن ڪميشن جي ساک ۽ وقار کي داءُ تي لڳائي رهيو آهي هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام ۽ ان جا ڪارڪن عمران خان کي فتنو سمجهن ٿا ۽ فتني خلاف وڙهڻ پنهنجي اڪابر جي مشن کي زنده رکڻو آهي.










