عمران خان سياستدان نه رانديگر آهي: پير مظهرالحق

عمران خان سياستدان نه رانديگر آهي: پير مظهرالحق

دادو(ن سنڌيار) پيپلزپارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير تعليم پير مظهرالحق چيو آهي ته عمران خان سياستدان نه پر هڪ رانديگر آهي، کيس زبردستي آندو ويو آهي، جن کي اسان سياست ۾ آندو اهي ئي اسان جي مخالفت پيا ڪن، سازش تي يقين نه ٿو رکان، نه ڪڏهن سازش ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪا سازش ڪرڻ ڏيندس،خداآباد ويجهو ڳوٺ باداڻي ۾ کوکر هائوس تي سينيئر صحافي نياز کوکر ۽ اعجاز علي کوکر سان سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پير مظهرالحق چيو ته عمران خان سياستدان نه پر ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي، ان کي سياست ۾ آندو ويو آهي، تازو وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ عمران خان پاڻ ئي چئي رهيو آهي ته منهنجو سياست ۾ ڇا وڃي؟ مان انهيءَ گند ۾ نه پوندس، هن چيو ته جڏهن هو پاڻ وزيراعظم هو ته صدر جي ذريعي اسيمبليون ٽوڙائي ٻيهر اليڪشن ڪرائي پئي سگهيو پر هن پنهنجو صوابديد اختيار استعمال نه ڪيو، هن چيو ته, آئون سازشن تي يقين نه ٿو رکان، نه ڪڏهن ڪا سازش ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي سازش ڪرڻ ڏيندس،،جن کي اسان سياست ۾ آندو اهي ئي هاڻي اسان جي مخالفت پيا ڪن ۽پارٽي کي افراتفري جو شڪار بنائي رهيا آهن، ايئن نه ڪرڻ کپي، هن چيو ته پ پ اسان کي 8 دفعا ٽڪيٽ ڏني آهي، اسان ڪڏهن به عوام کي مايوس ناهي ڪيو، تڪ توڙي تڪ کان ٻاهر عوام جي خدمت ڪئي آهي، مون ڪڏهن به تڪ جي سياست نه ڪئي آهي، مان سي اي سي جو ميمبر آهيان، هن چيو ته منهنجو پٽ هڪ پارٽي ورڪر جي عيادت ڪرڻ ويو ته پارٽيءَ تي قابض نون ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي، هنن پريس ڪانفرنس ڪئي ته هتي ڇو آيا آهيو؟ جنهن تي مون جواب ڏنو ته ڇا هي نوگو ايريا آهي؟ دادو ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ اسين پنهنجي پارٽي ڪارڪنن ۽ همدردن سان سندن ڏک سک ۾ شريڪ ٿي سگهون ٿا، هن چيو ته جيڪي سازش ڪندا اهي هميشه ناڪام ٿيندا، مون اليڪشن ۾ هميشه ڪنهن فرد نه پر پارٽيءَ جي سپورٽ ڪئي آهي، شروع کان وٺي پ پ جو ادنيٰ ڪارڪن آهيان ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين پ پ ۾ هوندس، آئون نالا نه ٿو کڻان باقي ٻيا 8-8 پارٽيون تبديل ڪري چڪا آهن، هن چيو ته اليڪشن ۾ ووٽ لاءِ ايندڙ اميدوارن کان عوام پڇاڻو ڪري ته اوهان 5 سالن ۾ اسان لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ووٽ ڏنو وڃي، ان موقعي تي فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو اڳواڻ خالد کوکر، پريس ڪلب ڀان جو صدر مظفر علي کوکر، غلام حيدر کوکر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو