عمران خان سميت ٻين جا استعيفا قبول ٿيڻ گهرجن: وزير

عمران خان سميت ٻين جا استعيفا قبول ٿيڻ گهرجن: وزير

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم نذير تارڙ عمران خان سميت قومي اسيمبلي جي ڪجهه ميمبرن جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم تارڙ چيو ته اسيمبلي جي فلور تي جن ميمبرن استعيفيٰ ڏني هئي، جن ۾ عمران خان، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري شامل آهن، انهن قانوني طور استعيفيٰ ڏني آهي. قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته اسپيڪر سندس استعيفيٰ قبول ڪري.هن چيو ته جن استعيفيٰ جي تصديق ايوان جي فلور تي ڪئي آهي، انهن لاءِ قانون تحت ايوان جا دروازا بند آهن، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر وضاحت ڏيکاري رهيو آهي، قانون ۾ استعيفيٰ جي تصديق جي گنجائش ناهي،قانون ۽ انصاف واري وزير اهو به چيو ته مانيٽرنگ جج مقرر ڪرڻ جو تجربو درست ناهي، جڏهن به سپريم ڪورٽ مانيٽرنگ جو فيصلو آيو ته تڪراري رهيو.هن چيو ته اسلام آباد تي حملي کي روڪڻ لاءِ قانون جو سهارو ورتو، ان ڏينهن راڄڌاني ۾ قلم 144 لاڳو هو.اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ اجلاس جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٽي او آر طئي ڪرڻ جو چيو، خان صاحب پنهنجو واعدو ٽوڙيو ۽ ريڊ زون پهچي ويو. هن چيو ته خان صاحب ڊي چوڪ وڃڻ جو اعلان ڪري توهين عدالت ڪئي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ توهين عدالت ۾ خان صاحب کان جواب طلب ڪندي،قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير چيو ته اميد آهي ته توهين عدالت جو معاملو پهريان طئي ٿيندو ۽ پوءِ حڪمن تي غور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو