عدالت خان سان جيل ۾ فوري ملاقات لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي

عدالت خان سان جيل ۾ فوري ملاقات لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ سومر ڏينهن پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان “فوري” ملاقات بابت درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ حڪومت کي سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو.
سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي سان لاڳاپيل 13 درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون هيون، ۽ چيو ته پي ٽي آءِ طرفان جيل ۾ پارٽي باني سان ملاقات جي اجازت بابت جمع ڪرايل يادداشت قانون موجب غور لاءِ لاڳاپيل انتظامي اختيارين ڏانهن موڪلي وئي آهي.
عمران خان آگسٽ 2023 کان جيل ۾ آهي، جتي هو ڪيترن ئي ڪيسن ۾ سزا يافته آهي، جن بابت سندس چوڻ آهي ته اهي 2022 ۾ عدم اعتماد واري ووٽ ذريعي اقتدار کان هٽجڻ کانپوءِ سياسي بنيادن تي داخل ڪيا ويا.
ملاقات جي درخواست سينيئر پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسا طرفان داخل ڪئي وئي هئي، جيڪا چيف جسٽس آف پاڪستان (سي جي پي) يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ رد ڪري ڇڏي.
بينچ راءِ ڏني ته ٻي ڌر کي ٻڌڻ کان سواءِ اهڙو حڪم جاري نٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري حڪومت کي سڀاڻي (اڱاري) لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو.
سماعت دوران لطيف کوسا کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس آفريدي چيو ته “اسان کي درخواست جي قابلِ سماعت هجڻ واري رڪاوٽ کي پار ڪرڻو پوندو”. هن وڌيڪ چيو ته “ياد رکو ته اوهان جا ٻيا ڪيس به ٻين عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن”.
هن چيو ته “اسان جي خيال ۾ هي ڪيس بي اثر (غير نتيجه خيز) ٿي چڪو آهي”، 24 آگسٽ 2023 واري حڪم جو حوالو ڏيندي، جنهن خلاف هي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته نوٽيس جاري ڪرڻ کان سواءِ عدالت ملاقات بابت ڪو به حڪم نٿي ڏئي سگهي.
سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي سائفر ڪيس ۾ بريت خلاف اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ ٽن ججن تي ٻڌل بينچ قائم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. ساڳئي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي بريت خلاف اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ به ٽن ججن تي ٻڌل بينچ قائم ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 جون 2024 تي عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ بري قرار ڏنو هو.
القادر يونيورسٽي ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي 2025 ۾ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، عدالت ضمانت واري درخواست کي غير مؤثر قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
گذريل هفتي جاري ڪيل ضمني ڪاز لسٽ موجب، سومر لاءِ ٻڌڻي مقرر ٿيل درخواستن ۾ پنجاب حڪومت جي اها اپيل به شامل هئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري کي ڏنل ضمانت کي چيلينج ڪيو ويو هو.
ان کان علاوه، آفيشيل سيڪريٽس ايڪٽ تحت عمران خان خلاف داخل ڪيس ۽ القادر يونيورسٽي ٽرسٽ سان لاڳاپيل نيشنل اڪائونٽيبليٽي بيورو (نيب) جو ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر هو.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان داخل ڪيل 10 ارب رپين جي هتڪ عزت واري دعويٰ خلاف عمران خان جي اپيل به ٻڌڻي لاءِ مقرر هئي.
‘سياسي انتقام جي نشانو’
بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته هڪ ئي وقت 14 درخواستن جي ٻڌڻي “سياسي انتقام جي نشاني” آهي. هن چيو ته “اڄ چيف جسٽس پي ٽي آءِ باني خلاف سڀ درخواستون ٻڌيون”.
صفدر جو چوڻ هو ته حڪومت انهن سڀني ڪيسن خلاف اپيلون داخل ڪيون آهن، جن ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي رليف مليو هو. سائفر ڪيس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته “اهو پاڪستان جو سڀ کان اهم ٽرائل هو، ۽ اوهان ڏٺو ته ان جو نتيجو ڇا نڪتو”.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ هميشه اسان کي رليف ڏنو آهي، ۽ هن چيف جسٽس سان ملاقات جي به اپيل ڪئي. “گذريل پنجن مهينن دوران اسان کي اڳوڻي وزيراعظم سان صرف پنج منٽن جي ملاقات ملي آهي.” هن شڪايت ڪئي ته “اسان جا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نٿا ڪيا وڃن، ۽ ملاقاتن تي به پابندي آهي”.
سلمان صفدر چيو ته جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم خلاف “300 کان وڌيڪ ڪيس” داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪيترين ئي ضمانت جي درخواستن جو فيصلو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا وٽ التوا هيٺ آهي.
هن ياد ڏياريو ته “هن مهيني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکيو ويو هو”، پر “آءِ ايڇ سي ڪا به درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي”.
هن دعويٰ ڪئي ته جڏهن آءِ ايڇ سي وٽ “ڪو به اختيار ناهي”، ته اهڙو ڪيس سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ گهرجي.
هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ “رڳو ڏيکاءَ جو محل بڻجي وئي آهي”. عمران خان جي صحت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته دفاع اڃا تائين ضمانت لاءِ طبي بنيادن کي به عدالت آڏو ناهي آندو.
“ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان کي پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت اونداهي ۾ رکيو وڃي.” هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻو وزيراعظم 5 آگسٽ 2023 کان قيد آهي، ۽ هن وقت راولپنڊي جي سينٽرل جيل ۾ قيد آهي.
پي ٽي آءِ طرفان جمع ڪرايل ٻن صفحن واري يادداشت ۾ الزام هنيو ويو ته هن عرصي دوران عمران خان جا قيدي ۽ انسان طور بنيادي حق بار بار لتاڙيا ويا آهن.
يادداشت ۾ انهن رپورٽن جو به ذڪر ڪيو ويو، جن موجب “عمران خان کي اسلام آباد جي هڪ اسپتال ۾ ڳجهي طبي ڪارروائي مان گذاريو ويو، ۽ جيل قاعدن جي خلاف سندس مائٽن کي بي خبر رکيو ويو”.
الڳ طور، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽي طرفان اها يادداشت جمع ڪرائي وئي آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نٿا ڪيا وڃن. هن چيو ته “اڄ جيڪي ڪيس ٻڌا ويا، اهي حڪومت جا ڪيس هئا، جيڪي غير ضروري هئا”، جڏهن ته جن ڪيسن ۾ پارٽي رليف گهري رهي آهي، اهي اڃا تائين مقرر ناهن ڪيا ويا. “خان صاحب سان اسان کي ملڻ نه ڏنو پيو وڃي، ۽ کيس به حقيقتن بابت ڪا ڄاڻ ناهي”، هن چيو.
“هي مڪمل طور تي ناانصافي آهي.”
عمران خان جي صحت بابت ڳالهائيندي هن چيو، “اسان کي نامڪمل طبي رپورٽ ڏني وئي آهي.” هن وڌيڪ چيو، “هن وقت اسان کي انصاف ملڻ جي ڪا اميد ناهي، پر ان جي باوجود اسان عدالتن جا در کڙڪائيندا رهنداسين.”

پهنجو تبصرو موڪليو