لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ گذريل ڏينهن جي هڙتال ۽ پرتشدد واقعن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.عمران خان خلاف ڪيس ڊي ايس پي ريمنڊ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن موجب 3 کان 4 سئو ماڻهن جي ٽولي، جنهن ۾ هٿياربندن به شامل هئا جٿي ۾ شريڪ ماڻهن قومي سلامتي جي ادارن کي ڌمڪيون ڏنيون، پي ٽي آءِ ڪارڪن عمران خان، حسن نيازي، فرخ حبيب، فواد چوڌري، حماد اظهر، محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري ادارن کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا.ايف آءِ آر موجب پي ٽي آءِ جي مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ لٺيون پڻ هنيون، جنهن ۾ 13 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪار زخمي ٿي پيا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءُ سبب سندن ئي 6 ڪارڪن زخمي ٿي پيا.










