اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪيس ٺهي ٿو، ڪا به تنظيم رياست خلاف بغاوت ڪري رليف جو مطالبو نه ٿي ڪري سگهي ٿي.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هنن احتجاج نه پر رياست خلاف بغاوت ڪئي، ياسمين راشد ماڻهن کي جناح هائوس وٺي وڃڻ ۾ ملوث آهي، حماد اظهر جو به ڏوهاري وارو ڪردار آهي.گهرو وزير جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف کي ٻن يا ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ حصو پيپلز پارٽي وٽ ويندو، ٻيو حصو جهانگير ترين گروپ ۽ ٽيون حصو پي ٽي آءِ ۾ رهندو، شاهه محمود قريشي پارٽي هلائيندو،راڻا ثناءُ الله چيو ته هنن احتجاج نه پر رياست خلاف بغاوت ڪئي، عام چونڊون آڪٽوبر، نومبر ۾ ٿينديون، نواز شريف کي حفاظتي ضمانت ملڻ گهرجي، پارٽي درخواست ڪئي ته نواز شريف کي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي،واعدو ڪيو آهي ته هو چونڊ مهم ۾ پارٽي جي اڳواڻي ڪندو،هن چيو ته جهانگير ترين جي معاملي تي ن ليگ کي خاموش رهڻ گهرجي، اسان جو ووٽ بئنڪ ڪٿي به نه پيو وڃي، پنجاب ۾ اڳ ۾ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ وچ ۾ مقابلو هو پر 9 مئي جي واقعن کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي.گهرو وزير چيو ته هو بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيندا، وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 کان 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي.










