عمران خان حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ قسم کڻي ورتو

عمران خان حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ قسم کڻي ورتو

پشاور (ويب ڊيسڪ) عمران خان حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ لاءِ قسم کڻي ورتو آهي.اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ هائوس ۾ حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ ڪارڪنن سان گڏ قسم کڻي ورتو آهي.پشاور ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ آزادي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ بابت تقريب ٿي جنهن ۾ عمران خان ڪارڪنن سان گڏ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو حلف کنيو.خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي گورنر شاهه فرمان پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان حلف ورتو. عمران خان کانسواءِ وڏي وزير محمود خان، پرويز خٽڪ ۽ علي امين گنڊاپور به حلف کنيو.

پهنجو تبصرو موڪليو