خان جي گرفتاري سان صورتحال خراب ٿيندي: فواد چوڌري

خان جي گرفتاري سان صورتحال خراب ٿيندي: فواد چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش سان صورتحال خراب ٿيندي.فواد چوڌري جو اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مان هن نااهل ۽ پاڪستان مخالف حڪومت کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان کي وڌيڪ بحرانن ڏانهن نه ڌڪي ۽ هوش کان ڪم وٺي.فواد چوڌري پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ لاهور پهچڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو