عمران خان جي ڪال فائنل آهي، گوهر جو اعلان

عمران خان جي ڪال فائنل آهي، گوهر جو اعلان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان اهم ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ هن احتجاج کي آخري ڪال قرار ڏنو آهي.پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر آصف ملاقات ڪئي، جيڪا تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ جاري رهي. عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان منهنجي اهم ملاقات ٿي، پي ٽي آءِ جي باني جي احتجاج جي سڏ حتمي آهي، احتجاج ڪال آف جو معاملو ناهي.ڳالهين بابت سوال تي چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته ها، ان بابت ٻڌائيندس، انشاءَ الله، ڳالهيون هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو