لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جا وڳوڙن وارن ٽن ڪيسن ۾ ضمانتي مچلڪا منظور ڪري ورتا، عمران خان جج اعجاز احمد جي عدالت آڏو پيش ٿي ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا، عدالت عمران خان کي 9 مئي وارن ڪيسن ۾ اڄ ضامن سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو عمران خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت کاپنوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ظل شاهه قتل ڪيس ۾ پنهنجا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي ڇڏيا، جناح هائوس ۽ عسڪري ٽاور ۾ ڀڃ ڊاهه وارن واقعن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي به عمران خان کي اڄ شام 4 وڳي طلب ڪري ورتو پوليس ذريعن موجب ڊي آءِ جي ڪامران عادل جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم عمران خان کي اڄ طلب ڪيو آهي، عمران خان کان 9 مئي جي واقعن بابت پڇاڳاڇا ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ جي ذريعن موجب عمران خان جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي










