اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي 9 مارچ تي پيشي لاءِ رجسٽرار آفيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيڪيورٽي ۽ ٻين ايس او پيز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن مطابق اسلام آباد چيف جسٽس جي عدالت جي ڪمري ۾ انٽري پاس جي ذريعي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي تفصيل موجب اسلام آباد انتظاميه ۽ اسلام آباد پوليس کي سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي عمران خان جي وڪيل کي 15 نالن جي لسٽ مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي اٽارني جنرل آفيس ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي 5-5 نالن جي لسٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽ ايسوسيئيشن کي 30 صحافين جي لسٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي سرڪلر ۾ 8 مارچ شام 3 وڳي کان اڳ سمورن لاڳاپين ماڻهن جي لسٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










