اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي واري فيصلي خلاف عدالت سان رجوع ڪري ورتو.عمران خان طرفان بئريسٽر علي ظفر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار عمران خان جي درخواست تي رجسٽرار آفيس طرفان ڪيترائي اعتراض اٿاريا ويا آهن.تحريڪ انصاف جي چيئرمين پنهنجي درخواست ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، اسپيڪر ۽ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري سميت ٻين ڌرين کي ڌر بڻايو آهي.اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان بائيو ميٽرڪ تصديق نه ڪرائي آهي ۽ درخواست سان عمران خان جي نااهلي واري فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي به شامل ناهي.










