ڌيءُ لڪائڻ وارو ڪيس، عمران جي نااهلي لاءِ ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي

ڌيءُ لڪائڻ وارو ڪيس، عمران جي نااهلي لاءِ ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق عمران خان جي نااهلي ڪيس ۾ درخواستگذار شهري محمد ساجد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل حسنين علي رمضان چيو ته اسان درخواست ۾ وفاق جو ذڪر ڪيو پر ان کي ڌر نه بڻايو، هاڻي الڳ درخواست ذريعي وفاق کي ڌر بڻائڻ چاهيون ٿا.عدالت رمارڪس ۾ چيو ته وفاق کي ان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اڄ ڪيس داخل نه ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ڪاز لسٽ منسوخ ڪئي وئي هئي، رڳو اها متفرق درخواست عدالت ۾ آهي، اها به ايندڙ ڪيس سان طئي ٿيل آهي.جسٽس عامر فاروق چيو ته فيصل واوڊا ڪيس به ساڳي نوعيت جو هو، معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو، اتي به ڇو نه موڪليو ويو؟ ان کان اڳ، درخواست جي قبوليت کي مطمئن ڪيو وڃي.جسٽس عامر فاروق پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته عمران خان هاڻي پبلڪ آفيس هولڊر ناهي رهيو، جنهن تي وڪيل چيو ته عمران خان جي استعيفيٰ اڃا قبول ناهي ڪئي وئي.عدالت چيو ته عمران خان پنهنجو حلفي بيان اليڪشن ڪميشن کي ڏنو هو، اهو معاملو اليڪشن ڪميشن کي ڇو نه موڪليو وڃي؟ جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو