اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي لاءِ قومي اسيمبلي جي 6 ميمبرن جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ عمران خان جي نااهلي لاءِ قومي اسيمبلي جي 6 ميمبرن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جو وڪيل بئريسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. پنهنجي دليل ۾ عمران خان جي وڪيل چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ريفرنس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان ڪري توشه خانه ڪيس تي 6 ايم اين ايز جي درخواست غير موثر ٿي وئي آهي. عمران خان جي وڪيل چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ريفرنس تي ٻڌڻي 29 آگسٽ تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن عمران خان جي وڪيل جي دليلن تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهلي لاءِ قومي اسيمبلي جي 6 ميمبرن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.










