عمران خان جي نااهلي،پي ٽي آئي ڪارڪنن جو احتجاج

عمران خان جي نااهلي،پي ٽي آئي ڪارڪنن جو احتجاج

سجاول ( ن س) اليڪشن ڪميشن طرفان توشه خانا ڪيس ۾ عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف پي ٽي آئي ضلع سجاول جي جنرل سيڪريٽري راجه شورو جي اڳواڻي ۾ عمران شاھ، احتشام شاھ، عمران ملاح، ڏاڏا حسيني، شبير ملاح، رزاق کٽي، سليم ملاح ۽ ٻين پاران سورج سجاولي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيوويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هڪ سچي ايماندار ملڪ سان محبت ڪندڙ عمران خان کي اليڪشن ڪميشن پاران نااهلي واري فيصلي کي رد ڪيون ٿا اسان جي قائد چيئرمين عمران خان پهرين به خدشو ظاھر ڪيو هو ته هي اليڪشن ڪميشن ڪرپٽ نااهل ٽولي سان مليل آھي. منهنجي خلاف غلط فيصلا ڪندو جيڪو آڄ ثابت ٿي ويو. اسان اليڪشن ڪميشن جي اهڙي غيرجمهوري فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي کي ڪالادم قرار ڏئي رد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو