اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سالگرهه هڪ ڏينهن اڳ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي آهي.مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اڄڪلهه عمران خان جي سالگرهه جو ڏينهن ٽاپ ٽريڊ ڪري رهيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ موجود مداح، حامي ۽ سياسي ڪارڪن کيس سالگرهه جون واڌايون ڏئي رهيا آهن.ٻئي طرف جيڪڏهن عمران خان جي سالگرهه جي تاريخ جي ڳالهه ڪجي ته سندس سالگرهه اڄ نه پر سڀاڻي آهي، عمران خان سڀاڻي 70 ورهين جو ٿي ويندو.










