عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش جي دعويٰ ٻيهر رد

عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش جي دعويٰ ٻيهر رد

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر سازش ذريعي عمران خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته هو غلط ۽ ڪوڙي رپورٽن جي جواب ۾ صحيح معلومات فراهم ڪري سگهي ٿو، هن اڳ چيو هو ته انهن الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي.هن چيو ته پروپئگنڊا يا غلط ڄاڻ کي ٻطرفن لاڳاپن جي راهه ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو، ڄاڻون ٿا ته پاڪستان ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏني وئي آهي.نيڊ پرائس چيو ته پرامن آئيني ۽ جمهوري قدرن کي برقرار رکڻ جي حوصلا افزائي ڪندي، اهڙن مسئلن تي سڀني ڀائيوارن سان ڳالهايو وڃي ٿو.هن چيو ته هو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڊگهي پارٽنرشپ کي ساراهي ٿو، خوشحال پاڪستان آمريڪا جي مفاد ۾ آهي.هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن دوحه ۾ طالبان سان ٻيهر ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ کين آمريڪي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو