عمراني حڪومت مهانگائي جو طوفان آندو آهي، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پٽاٽن، بصر ۽ ٽماٽن جون قيمتون ته سنڀالي نه سگهيو اهو هاڻ ملڪ وري ڪهڙو هلائيندو.بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ مهانگائي جي رڪارڊ شرح تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي 11.1 سيڪڙو جڏهن ته سالياني شرح 14.1 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. ڊبليو پي آءِ موجب مهانگائي جي شرح 16.6 سيڪڙو جڏهن ته ايس پي آءِ موجب ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 21.3 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم صاحب هوش کان ڪم وٺي الميو اهو آهي ته ملڪ اندر مهانگائي ۾ گهٽتائي جو ڪوبه امڪان نه آهي. عمران خان جي حڪومت هر گذرندڙ ڏينهن  سان مهانگائي جو طوفان آندو آهي.جڏهن ڪڻڪ ۽ ڪمند پيدا ڪندڙ ملڪ کنڊ ۽ اٽو ٻاهران گهرائي ته ملڪ ڪيئن هلندو. هن چيو ته ملڪ جو وزيراعظم پنهنجي تعريف کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو