عمران خان جي تقرير تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مشاورت ٿي پئي: راڻا ثناءُ الله

عمران خان جي تقرير تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مشاورت ٿي پئي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آھي ته پوليس حراست دوران شهباز گل تي ڪو به تشدد نه ٿيو، عمران خان جا شهباز گل تي جنسي تشدد وارا الزام وڏو ڊرامو آهن، عدالت ۾ پيشي وقت دانهون ڪندڙ شهباز گل اسپتال پهچڻ کانپوءِ هشاش بشاش ڪيئن ٿي ويو؟ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڊيالا جيل ۾ شهباز گل سان ڇا ٿيو ان جو جواب پنجاب حڪومت کان ورتو وڃي، اسٽيبلشمينٽ تي ٻيا اڳواڻ به تنقيد ڪندا رهيا آهن ھن چيو ته ڪنهن به اڳواڻ اڄ تائين فوج جي ڪمانڊ جا حڪم نه مڃڻ جو بيان نه ڏنو آهي، اهڙي حرڪت کي رياست يا ڪو ادارو برداشت نه ٿو ڪري سگهي، شهباز گل عمران خان جي حڪم تي ئي اهڙو بيان ڏنوعمران خان جي تقرير تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مشاورت ٿي رھي آھي، ڪوڙن الزامن جي خلاف قانون موجب عمل ڪيو ويندو، عمران خان جي تقرير تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مشاورت ٿي رھي آھي، نواز ليگ ڪنھن بھ قسم جي جسماني يا ذھني تشدد جي مخالف آھي

پهنجو تبصرو موڪليو