ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وفاقي حڪومت کان درخواست ڪئي آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي مدِنظر رکندي عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت اڄ به عمران خان کي گرفتار ڪري سگھي ٿي،عارف نقوي جي گرفتاري کانپوءِ معاملو عمران خان جي گرفتاري تائين وڃي سگھي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف کي درخواست آهي ته جي آئي ٽي ٺاهي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار نٿا ڪري سگھو ته هن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي،پي ٽي آئي وارن کي مڃڻ گھرجي ته سندن سربراھ مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي. اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪيون ٿا ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي،عمران خان جهڙو طرزِ زندگي گھٽ آمدني ۾ نٿو هلي سگھي.صوبائي وزير چيو ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ اسرائيل ۽ انڊيا جي پئسن تي سياست هلندي؟ اسان چاهيون ٿا ته انصاف سڀني لاءِ برابر هجي. جيڪڏهن اسان خلاف جي آئي ٽي ٺهي سگھي ٿي ته هنن خلاف ڇو نه؟ ٽوئيٽر تي ادارن جي سربراهن خلاف ٽرينڊ هلرايا ويا، اٽو کنڊ اسڪينڊل ۾ عمران خان پنهنجو پاڻ کي اين آر او ڏنو.صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وزيراعظم ۽ گھرو وزير کي درخواست ڪئي آهي ته وڏن منصوبن ۾ ڪرپشن جي جانچ نيب کان ڪرائي وڃي. فنانشل ٽائمز جي ڪا به خبر غلط نه ٿي آهي،اڳوڻي وزيراعظم سان مخاطب ٿيندي،سندس چوڻ هو ته عمران نيازي!هاڻي جلد وڃي برطانيا ۾. فنانشل ٽائمز وارن تي ڪيس داخل ڪرائي. رپورٽ مطابق جعلي طريقي سان پي ٽي آئي جي اڪائونٽ ۾ پئسا آيا ۽ مختلف محاذن تي استعمال ٿيا.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته روزنامچي ۾ مني ٽريل ڏنل آهي،عوام آڏو ڳالهيون واضح ٿيڻ گھرجن،ملڪ مان دادلوازم جلد ختم ٿيڻ گھرجي،عدالتن تي ڪو به دٻاءُ نه وجهڻ گھرجي.










