سکر)اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جو مستقبل اونداهو آهي، ٻين کي چور چوندڙ عمران خان پاڻ وڏو چور آهي، ڪپتان جي ڪال مس ڪال ثابت ٿي، هو اقتدار کسجڻ بعد وائڙائپ جو شڪار ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت کي آئيني طريقي سان ختم ڪيو ويو. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته هيلٿ ورڪرن کي ڪورونا الائونس رڳو سنڌ ۾ ڏنو وڃي پيو، ڪورونا ختم ٿيڻ بعد اهو الائونس ختم ٿي ويو، هيلٿ الائنس جي احتجاج ڪندڙن ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته روڊ حادثن جي ڪري سنڌ حڪومت طرفان وفاق کي بجيٽ ڏني وئي پر پي ٽي آءِ پاران سست رفتاري سان ڪم شروع ڪيو ويو، سيوهڻ ويجهو حادثي ۾ 20 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو وفاقي وزير به نوٽيس ورتو. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته سيوهڻ حادثي جو ذميوار وفاقي ادارو آهي، سنڌ ۾ ڪوبه ملوث هوندو ته ڪارروائي ٿيندي، ڊپٽي ڪمشنر پاران ڏنل بيان تي ڪارروائي ڪئي آهي وڌيڪ به معاملي کي ڏٺو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي 80 سيڪڙو علائقن مان برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، هارين کي ڪڻڪ جي پوکي لاءِ 5 هزار رپيا في ايڪڙ تي ڏنا ويندا. سندس چوڻ هو ته سروي جو ڪم جاري آهي مڪمل ٿيڻ تي جن جا مڪمل طور گهر پٽ ٿي ويا آهن انهن کي 3 لک رپيا ويندا. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته آصف علي زرداري بابت چيو پيو وڃي ته هن پلي بارگين ڪئي آهي ان ڳالهه ۾ ڪابه سچائي ناهي، بينظير ڀٽو جي شهادت تي آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو جڏهن ته عمران نيازي اقتدار وڃڻ بعد ملڪ تي ايٽمي بم ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪئي. سندس چوڻ هو ته مڪاني چونڊ لاءِ تمام گهڻي سڪيورٽي گهرجي جڏهن ته هن وقت پوليس رڌل آهي ته چونڊ ڪيئن ٿيندي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته عمران خان تي حملو ڪوڙ آهي، مٿس ڪوبه حملو ناهي ٿيو شفاف جاچ ڪرائي وڃي سڀ ڪجهه واضح ٿيندو……….










