عمران خان جو فوڪل پرسن حسان نيازي گرفتار

عمران خان جو فوڪل پرسن حسان نيازي گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پوليس عمران خان جي فوڪل پرسن حسن نيازي کي گرفتار ڪري ورتو اسلام آباد پوليس حسان نيازي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.ڇنڇر ڏينهن جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ عمران خان جي پيشي دوران حسان نيازي پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ موجود هو.پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشي جي موقعي تي جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران زبردست هڙتال ڪئي وئي، جنهن دوران ڪيترن ئي گاڏين کي باهه ڏني وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن عدالت ٻاهران هڙتال ڪئي.ايف آءِ آر موجب جڊيشل ڪمپليڪس جي مين گيٽ ۽ شيشي کي ٽوڙيو ويو، عمارت کي باهه ڏيڻ وارن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پٿراءُ ۽ جڊيشل ڪمپليڪس جون شيون ٽوڙيون ويون، پوليس جون 2 گاڏيون، 7 موٽرسائيڪلون سڙي ويون، ايس ايڇ او گولاڙهه سرڪاري گاڏي خراب ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو