لاهور (ويب ڊيسڪ) ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي.راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي دوران عمران خان چيو ته ان سسٽم جو وڌيڪ حصو نه رهنداسين، اسان سڀني اسيمبلين مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.عمران خان جي بيان تي مونس الاهي چيو ته 27 جولاءِ تي الله پاڪ اسان کي ڪامياب ڪيو هو ۽ چوڌري پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير بڻيو هو، ان ڏينهن کانپوءِ اسان بونس تي هلي رهيا آهيون، اسان پنهنجي واعدي تي قائم آهيون. هن چيو ته عمران خان جنهن ڏينهن چوندو ان وقت کي پنجاب اسيمبلي ٽوڙينداسين.










