اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته عمران خان ڪالهه ملڪ جي سياسي مستقبل ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ عملي فارمولو پيش ڪيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته عمران خان جي پيش ڪيل ان فارمولي تي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته ملڪ جي معاشي حالت وڌيڪ سياسي عدم استحڪام جو بار برداشت نه ڪري سگهندي، اسٽيبلشمينٽ جي موجوده حيثيت برقرار رکي چونڊون ڪرايون وڃن.










