عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري

عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.مارگلا پوليس اسٽيشن جي ايريا مئجسٽريٽ عورت مئجسٽريٽ زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.مارگلا ٿاڻي ۾ 20 آگسٽ تي داخل ٿيل ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، ڪيس ۾ عمران خان خلاف قلم 504/506 ۽ 188/189 داخل آهي، عمران خان خلاف مارگلا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جو انگ 407 آهي.ڌمڪيون ڏيندڙ بيان ڏيڻ تي قلم 506 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو