پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيئرمين عمران خان کي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي طرفان هائوس ٽيڪس جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي 2 رڪني ٽيم عمران خان کي نوٽيس وٺڻ لاءِ زمان پارڪ پهتي. اي ٽي او ايڪسائيز عديل امجد ۽ انسپيڪٽر آمنه رشيد نوٽيس ورتو. انسپيڪٽر آمنه رشيد ٻڌايو ته زمان پارڪ جي رهائشي تي 36 لک رپيا ٽيڪس واجب الادا آهي.










