لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي حملي جي جوابدار نويد جي سچائي جاچڻ لاءِ پولي گراف ٽيسٽ ڪرايو ويندو.عمران خان تي حملي جي جوابدار ۽ جاچ دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي (سي ٽي ڊي) حوالي ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان تي حملي جي مرڪزي جوابدار نويد کي جاچ لاءِ لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کي چوهنگ ۾ سي ٽي ڊي سيل منتقل ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي ۽ ٻين ادارن جوابدار نويد کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عمران خان تي فائرنگ جي جوابدار جي بيان جي سچائي ۽ ڪوڙ کي جانچڻ لاءِ پولي گراف ٽيسٽ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي يا مقامي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويندو.










