اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو آهي ته عمران خان ٽن ڄڻن کي حملي جو ذميوار قرار ڏنو آهي.ويڊيو پيغام جاري ڪندي اسد عمر چيو ته اسپتال ۾ عمران خان جو طبي معائنو ٿي ويو آهي ۽ الله جو شڪر آهي ته سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.سندس موجب عمران خان چوندو هو ته حقيقي آزادي لاءِ زندگي قربان ڪرڻي پئي ته ڪندس، ڪنهن کي ان ڳالهه تي ڪو شڪ هو ته هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان کي خطرن کان آگاهه ڪيو ويو هو پر هن چيو ته اسان جنهن جهاد لاءِ نڪتا آهيون، اسان کي سڀ ڪجهه الله تي ڇڏڻ گهرجي.اسد عمر چيو ته ٿوري دير اڳ عمران خان مون کي ۽ ميان اسلم اقبال کي گهرايو ۽ چيو ته منهنجي طرفان قوم کي اهو پيغام ڏيو ته مون وٽ اڳ کان ڄاڻ هئي ۽ مون کي يقين آهي ته ٽن ماڻهن اهو سڀ ڪجهه ڪرايو آهي، اهي شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ ميجر جنرل فيصل آهن، مان اهو ڄاڻ جي بنياد تي چئي رهيو آهيان.تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو اسان جو مطالبو آهي ته انهن ٽنهي کي فوري طور پنهنجي عهدن تان هٽايو وڃي ۽ جيڪڏهن نه هٽايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو، جنهن وقت عمران خان سڏ ڏنو ته اهو احتجاج شروع ٿي ويندو.ان موقعي تي صوبائي وزير ميان اسلم اقبال چيو ته اڄ جيڪو ظالماڻو ۽ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ عمران خان جي هدايت تي انهن ٽنهي خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين.










