عمران خان به سنڌ ۾ افغانين جو قبضو ڪرڻ چاهي ٿو:رياض چانڊيو

عمران خان به سنڌ ۾ افغانين جو قبضو ڪرڻ چاهي ٿو:رياض چانڊيو

ڪراچي ( رپورٽر ) جئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ رياض چانڊيو ڪراچي پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان به سنڌ ۾ افغانين جو قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. هي صوبو افغانين جو ناهي. سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي. سنڌ مهمان نواز صوبو آهي. ڪراچي ۾ ڪنهن اردو ڳالهائيندڙ کي ڀرتي نٿو ڪيو وڃي صرف افغانين کي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن. سيوهڻ توڙي نوراني۾ افغانين دهماڪا ڪيا 40 سالن کان ملڪ ۾ افغاني دهماڪا ڪري رهيا آهن. پر حڪومتي ادارا خاموش آهن. اگر حڪومت افغانين خلاف ڪاروائي نه ڪئي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين افغانين خلاف سخت احتجاج ڪيا ويندا. اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي گهرجي ته افغانين خلاف آواز اٿارين . حڪومت جئي سنڌ جو جهنڊو برداشت نٿا ڪن باقي افغانين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي خاموش آهن. ڇو افغانين کي آڻيندڙ پي ٽي آء جو اهم ڪردار آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو