عمران خان  اسٽيبلشمينٽ  کي منٿون ڪري پيو: شيري رحمان

عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي منٿون ڪري پيو: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته بدمعاشي ۽ بليڪ ميلنگ جي حڪمت عملي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ کي منٿون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيري رحمان چيو ته ڳچيءَ کي پڪڙڻ سان ڪم نه ٿيو، پوءِ پير پائڻ آيا آهن، 10 مهينا ادارن خلاف رهيا، هاڻي چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ويڙهه ناهي. هن چيو ته ادارن ۽ آمريڪا تي الزام لڳائڻ وارو عمران خان چونڊن کان اڳ آمريڪا سان خوشگوار لاڳاپن ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ جو خواهشمند آهي. شيري رحمان جو چوڻ آهي ته عمران خان ڳالهيون نه پر نئين آرمي چيف کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ التجا ڪري رهيو آهي. سندس اهو به چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف کي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي بي عزتي جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو