عمران خان اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ گهريا: وزيراعظم

عمران خان اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ گهريا: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان نه ڏنو، عمران خان اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ گهريا.قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف پڇاڻو ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر 8 سال گذرڻ باوجود پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڇو نٿو ڪري؟هن چيو ته 2018ع جون چونڊون پاڪستان جي تاريخ جي بدترين چونڊون هيون، تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ٿي، جنهن کانپوءِ ملڪ تي نااهل حڪومت مسلط ڪئي وئي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 2018ع جي مخالف ڌر سياست کي ترجيح ڏئي ها ته رياست جو الله ئي محافظ آهي، اسان فيصلو ڪيو ته رياست کي بچائڻو آهي، ان ڪري سياست ڪندا رهنداسين.هن چيو ته مون کي خبر هئي ته وزيراعظم جي ڪرسي ڪنڊن جو گهيرو آهي، 1992ع ۾ هڪ صدر مون کي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ چيو، اهڙي ئي آڇ جنرل پرويز مشرف به ڪئي هئي.شهباز شريف اهو به چيو ته جيڪڏهن مون کي وزيراعظم ٿيڻو هو ته مون وٽ ڪيترائي موقعا هئا پر مون کي ڪا لالچ نه هئي، 2017ع ۾ ميان نواز شريف مون کي وزارت عظميٰ لاءِ نامزد ڪيو، ان ڪري مون پنجاب ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ته جيئن پنجاب جا منصوبا مڪمل ڪريان.هن چيو ته مون کي رات به ننڊ نه ايندي آهي، مان پاڻ کان پڇان ٿو ته اسان جي قوم پوئتي ڇو رهجي وئي، اسان پنهنجو رستو ڇو نه طئي ڪري سگهيا؟ وزيراعظم چيو ته هي آئين پاڪستان جي وحدت جي علامت آهي، جيڪو اسان جي رهنمائي ڪري ٿو، هي معزز ايوان 1973ع جي آئين جي ماءُ آهي، اهو هتي ٺاهيو ويو.هن چيو ته هن آئين ۾ سمورن ادارن جي اختيارن جي وضاحت ڪئي وئي آهي، قانون سازي، عدليه ۽ ٻين ادارن جا اختيار آئين ۾ واضح آهن.شهباز شريف چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٿي، گذريل حڪومت ترڪي، سعودي عرب ۽ چين سان لاڳاپا خراب ڪيا.وزيراعظم چيو ته هن سڀني سان اسان جا لاڳاپا خراب ڪيا آهن، اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسان ڊڪٽيشن وٺون ٿا، هن روس کان سستو تيل وٺڻ جي ڳالهه ڪئي، جڏهن پڇيو ويو ته ماسڪو انڪار ڪيو.شهباز شريف چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته روس مان سستي ۽ سٺي ڪڻڪ ملي رهي آهي، اسان چيو ته وٺنداسين، سڀني کي چيو ته ڪڻڪ وٺنداسين، اسان کي ڪنهن جي پرواهه ناهي.هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ برساتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، هو سڄي پاڪستان ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا.شهباز شريف چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، هو صوبائي حڪومتن سان سهڪار سان هارين جي نقصان جو ازالو به ڪندا.هن چيو ته وفاقي حڪومت امدادي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، صوبائي حڪومتون ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون آهن، رليف پيڪيج ۾ اضافو ڪيو ويندو.وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان سڀاڻي هڪ ٻيو اهم اجلاس سڏايو ويو آهي، هارين کي نقصان جو معاوضو ڏنو ويندو، برسات متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي، وفاق ۽ اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن جي مدد ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو