”عمران خان“کي فيڊر نه مليو، سندس احتجاج ته ٺهي ٿو: سراج الحق

”عمران خان“کي فيڊر نه مليو، سندس احتجاج ته ٺهي ٿو: سراج الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته نه شهباز شريف پاڻ آيو آهي ۽ نه ئي عمران صاحب پاڻ آيو آهي سراج الحق جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وائرل آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته توهان هڪ ماڻهوءَ کي ڊي چوڪ مان کڻي وزير اعظم بڻائي ڇڏيو، پوءِ اهي سمجهن ٿا ته منهنجي ذميواري آهي ته انهن کي سمهاريان ۽ صبح جو جاڳايان، اوچتو توهان کين چئو ته مان فيڊر نه ڏيندس ته هو احتجاج نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو. سراج الحق چيو ته نواز شريف جو بيان آهي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، اهو ئي عمران خان جو آهي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شهباز شريف جو به اهو ئي داستان هوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو