اسلام آباد)بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل جي درخواست رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس اسلام آباد عامر فاروق توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.ايڊووڪيٽ جنرل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ به اهڙو حڪم جاري ڪيو جنهن ۾ درخواست اڪلائي وئي، سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ڇا واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿي آهي؟ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي، ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي ته حالت خراب ٿي ويندي، اسان جي آفيس مان درخواست به هلي وئي آهي. هاءِ ڪورٽ کي به 22 الف آڻڻو پوندو؟ ڇا مان رجسٽرار کان پڇان ته ڪيس جي اندراج لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏيان؟ ايڊووڪيٽ جنرل درخواست ڪئي ته توهين عدالت جو نوٽيس گهرو سيڪريٽري جي حد تائين خارج ڪيو وڃي جڏهن ته هو ان ڏينهن پيش نه ٿيو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم اچڻ ڏيو، رجسٽرار جي رپورٽ اڃا ناهي آئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي مئي جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










