اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اسد قيصر جي وڪيل شير افضل مروت عدالت کي ٻڌايو ته اسد قيصر جاچ ۾ شامل ٿيو آهي، عدالت ڏسندي ته حاضري کان ڇوٽ گهرڻ جا بنياد تسلي بخش آهن يا نه.ايڊيشنل سيشن جج پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي استثنيٰ جي درخواست ۾ ڇا لکيل آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته اسلام آباد پوليس عدالت جي دروازن تي بيٺي آهي، کين اچڻ جي اجازت ناهي، توهان کي خبر آهي موجوده صورتحال ڪيئن هلي رهي آهي.جج طاهر عباس سپرا چيو ته درخواست ۾ ڪجهه به ناهي لکيو ويو، مون کي صورتحال جي خبر ناهي.صفائي جي وڪيل شير افضل چيو ته ٻي درخواست ڏني ويندي.اسد قيصر جي وڪيل شير افضل مروت نئين بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي.عدالت اسد قيصر جي نئين حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي سندس عبوري ضمانت ۾ 5 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.










