عمران جي ڪشمير بابت سفارتي پاليسي ناڪام آهي، لياقت بلوچ

عمران جي ڪشمير بابت سفارتي پاليسي ناڪام آهي، لياقت بلوچ

جيڪب آباد (ن س) جماعت اسلامي پاران ٽڪنڊي باغ کان جهاد ڪشمير مارچ ڪيو ويو.مارچ ۾ سوين مرد توڙي عورتن شرڪت ڪئي.مارچ ۾ شامل ڪا رڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ پڻ هئا جن مٿان والاريل ڪشمير جي مسلمانن جي حق ۾، ڀارتي فوج ۽ ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي خلاف سخت نعرا لکيل هئا، جهاد مارچ ۾ شامل ڪارڪنن جي هٿن ۾ ڪشمير جو هڪ سئو ميٽر ڊگهو جهنڊو پڻ هو. مارچ شهر جي مختلف رستن تان مارچ ڪري حبيب چوڪ وٽ جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو.ان موقعي تي جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت علي بلوچ خطاب ڪندي چيو ته گذريل 83 ڏينهن کان والاريل ڪشمير جا 80 لک مسلمان ڀارت جي قيد ۾ آهن، ڀارتي فوج وادي ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، معصوم ٻارن کي اسڪول ۽ مريضن کي اسپتالن تائين وڃڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، هن چيو ته ڀارتي انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس جا غنڊا ڀارتي فوج جي مدد سان ڪشمير جي نياڻين کي اغوا ڪن ٿا ۽ ڀارتي فوج ڪشمير جي 12 هزار نوجوانن کي ڀارتي جيلن ۾ قيد ڪري انهن مٿان تشدد ڪري رهي آهي، هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج مون سان گڏ آهي پر ڪشمير مسئلي تي هن وقت تائين هنن ڪوبه جرئتمنداڻو مجاهداڻو قدم ناهي کنيو.

هن چيو ته عمران سرڪار مهانگائي جي باهه ٻاري غريب عوام کي ان ۾ ساڙي رهي آهي، تيل سميت کاڌ خوراڪ جون شيون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، هن چيو ته عمران خان جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪرڻ کان پهريان چيو هو ته خطاب کان پوءِ وڏي تبديلي ايندي پر هن وقت تائين ڪابه تبديلي نظر ناهي آئي، هن چيو ته پاڪستان سفارتي طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير مولانا اسد الله ڀٽو، سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، ممتاز حسين سهتو، عبدالحفيظ بجاراڻي، امداد الله بجاراڻي، ضلعي امير ديدار علي لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير واري مسئلي تي اسين اقوام متحده، سلامتي ڪائونسل سميت دنيا جي هر اداري وٽ وياسين پر ڪنهن به اسان جي دانهن نه ٻڌي، هنن چيو ته انڊونيشيا ۽ سوڊان ۾ مداخلت سان خبر پئجي وئي ته اقوام متحده سميت عالمي ادارا صرف يهودين ۽  عيسائين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن جن کي مسلمانن جي دردن جو ڪوبه احساس ناهي، هنن چيو ته عراق ۾ ايٽمي هٿيارن جو بهانو بڻائي 20 لک مسلمانن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ چيو ويو ته اتي ايٽمي هٿيار موجود نه هئا. هنن چيو ته مسئلي مسئلي تي جهاد وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت بڻجي چڪو آهي، ڪشميري ڀائر شوق شهادت کڻي ڀارتي فوج کي للڪاري رهيا آهن، گذريل 83 ڏينهن کان والاريل ڪشمير جي مسلمانن جو جهاد ٻڌائي رهيو آهي ته هو ڪڏهن به ڀارت کي تسليم نه ڪندا، هنن چيو ته ڪشمير مسئلي تي حڪمران صرف بيانن ۽ ٽوئيٽ ڪرڻ تائين محدود ٿي ويا آهن، ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي جنهن ڪري پاڪستاني فوج کي اڳتي وڌڻ گهرجي، هنن وڌيڪ چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هڪ دهشتگرد آهي جنهن پهريان گجرات ۾ بيگناهه مسلمانن جو قتل عام ڪرايو ۽ هاڻي وري ڪشمير ۾ مسلمانن جو رت وهائي رهيو آهي، اسان کي نريندر مودي کي عالمي سطح کي دهشتگرد قرار ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي.ان کان اڳ جلسي گاهه وٽ پهچڻ کان پوءِ جماعت اسلامي جيڪب آباد جي اڳواڻن پاران مرڪزي اڳواڻن کي سنڌ جي روايت موجب سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.جلسي ۾ عورتن جو جدا پنڊال ٺاهيو ويو جنهن ۾ سوين عورتن پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو