اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ آصف علي زرداري جي قتل جي سازش ڪيس ۾ شيخ رشيد تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 2 مارچ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.جڊيشل مئجسٽريٽ عمر شبير شيخ رشيد جي آصف علي زرداري خلاف عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزام جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد پوليس شيخ رشيد خلاف ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو.عدالت شيخ رشيد تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 2 مارچ جي تاريخ مقرر ڪندي کيس 2 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.شيخ رشيد عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، 15 مارچ جي تاريخ ڏني وڃي.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جا حڪم آهن، چالان اچي ويو آهي، هاڻي گهڻي تاريخ نه ٿا ڏئي سگهون، ٽرائل شروع ٿي ته ڏسنداسين.عدالت ابپارا ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف داخل ڪيس جي درخواست واپس وٺي ڇڏي، عدالت چيو ته اها درخواست سيشن جج جي عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، اهو منهنجو اختيار ناهي.










