ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ضمانت ختم ٿيندي ئي عمران خان جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪار کيس گرفتار ڪري ڇڏيندا، عمران خان ڪيترن ئي ڪيسز ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل آهي عمران خان جي بني گالا واپسي تي رد عمل ڏيندي راڻا ثناءُ اللھ چيو تھ عمران نيازي کي اسلام آباد واپسي تي ڀليڪار چئون ٿا، قانون جي مطابق عمران نيازي کي سيڪيورٽي فراھم ڪئي پئي وڃي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کان محروم آهي، عمران خان کي قانون موجب سيڪيورٽي مهيا ڪئي پئي وڃي، عمران نيازي ٻن درجن کان وڌيڪ ڪيسز ۾ جوابدار طور نامزد آھي ان ڪيسن ۾ ملڪ ۾ ھنگامو، ڏڦيڙ، فساد ۽ افراتفري پکيڙڻ شامل آھي، ڪيسز ۾ وفاق تي ھٿياربند حملن جا ڏوھ بھ شامل آھن










