عمران جا الزام،سپريم ڪورٽ کان فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو

عمران جا الزام،سپريم ڪورٽ کان فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته عمران خان جي الزامن جي جاچ لاءِ فل ڪورٽ ڪميشن جوڙي وڃي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته عمران خان تي حملي جي مذمت ڪيون ٿا، زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ شخص واقعي جي مذمت ڪئي، مان واقعي کانپوءِ پنهنجي پريس ڪانفرنس ملتوي ڪري ڇڏي، الله پاڪ سڀني کي صحتيابي ڏئي، مارجي ويل جي مغفرت فرمائي.هن چيو ته افسوسناڪ واقعي تي الزامن کان پاسو ڪيو وڃي، گهرو وزير تي ۽ اداري جي هڪ آفيسر تي ڪوڙو الزام هنيو ويو، سوشل ميڊيا تي اداري خلاف گندين ڳالهين تي ڀارت ۾ خوشيون ملهايون پيون وڃن، عمران خان سراپا ڪوڙ جو مجسمو آهي، پنجاب حڪومت توهان جي آهي، حملي جي جاچ ڪرايو، ڪيس داخل نٿو ٿئي ته پنجاب حڪومت کان پڇو، حملي آور جي وڊيو سامهون آئي آهي، هن ڏوهه قبوليو آهي.سندس چوڻ هو جيڪڏهن عمران خان وٽ ثبوت آهن ته مون کي هڪ منٽ به وزيراعظم رهڻ جو حق ناهي، عمران خان وٽ ثبوت آهن ته قوم سامهون آڻي، ماضي وانگر ڪوڙ نه ڳالهائي، خان صاحب پنهنجي مرضيءَ جي ايف آءِ آر ڪٽرائڻ چاهي ٿو ته ڪٽرائي، هو 3 ڪلاڪن جو سفر ڪري شوڪت خانم اسپتال ڇو پهتو؟ اڄ قوم ان ٻه واٽي تي آهي ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي، توهان اين سي آءِ جو فيصلو ته مڃيو، اسڪاٽ لينڊ يارڊ جو مڃيندئو؟ عمران خان سچ ڳالهايو ته مُنهن ڏيکارڻ جهڙو نه رهندو.وزيراعظم چيو ته اهڙن الزامن تي عادلتون چُپ رهنديون ته ملڪ سان زيادتي هوندي، پري پري تائين سازش جو ذرو به ثبوت ملي وڃي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس، چيف جسٽس آف پاڪستان کي چوان ٿو ته فل ڪورٽ ڪميشن ٺاهيو، کيس لکت درخواست ڏيندس، منهنجي درخواست منظور نه ڪئي وئي ته اڳتي سوال اٿندا رهندا، جڏهن توهان مون کي حڪم ڏيندئو ته پيش ٿيندس، سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ تي ئي قوم کي اعتماد هوندو، فل ڪورٽ ارشد شريف ڪيس جي به جاچ ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو