اسلام آباد(بيورو)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران بني گالا ۾ سمهي پيو ۽ هاڻي ٻاهر نه ايندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ناڪام سياست تي ماتم جو اعلان ڪري هليو ويو، اڄ عوام کيس رد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي ترقي ۽ عوام کي روزگار ڏيڻ جو مخالف هو، هو اڄ خالي هٿين خالي واپس ويو مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جلد ڏکيا فيصلا ڪندو، حڪومت قدم کنيا آهن، هاڻي تمام جلد اعلان ڏسندا، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، عمران خان جيڪا بارودي سرنگ وڇائي ان جو علاج اسان کي معلوم آهي. 6 ڏينهن جي الٽي ميٽم تي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته عمران بني گالا ۾ سمهي پيو هو هاڻي ٻاهر نه نڪرندو.










