اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان آمريڪي ۽ ڀارتي شهرين کان فنڊ گڏ ڪندو رهيو.سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان خيراتي ڪمن لاءِ گڏ ڪيل رقم ذاتي ۽ پارٽي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي. هن چيو ته 1947ع کان 2018ع تائين پاڪستان جو قرض هڪ پاسي ۽ عمران خان جو قرض ٻئي پاسي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت سان واپار ممڪن ناهي. هن چيو ته اسان بي جي پي ترجمان جي توهين آميز بيان جو معاملو عالمي سطح تي اٿاريو.










