جروار (محمد بخش گبول ) اين اي 205 تي بيٺل پ پ پ اميدوار محمد بخش خان مهر پنهنجن اتحادين مير بابرعلي لنڊ ,پ پ پ اڳواڻ ڪوڙو گبول ,باري خان پتافي عبدالحميد خان گبول ۽ ٻين سان گڏ جروار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ورڪ ڪئي. ڳوٺن غلام حسين منگراھ، سلطان گبول، ڀڙي گبول، ڀڙي لغاري ,پير بخش گبول۽ ٻين جاين تي ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون، ان موقعي تي مختلف برادرين جي ماڻھن جنهن ۾ ملڪ برادري گبول برادري لغاري برادري منگراه ۽ ملاڻا شامل آهن تن سندس حمايت جو اعلان ڪيو. ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي محمد بخش خان مهر چيو ته هي منهنجي والد مرحوم غلام محمد مهر جو تڪ هيو انهي مرحوم جون هن تڪ جي عوام لاء گهڻيون خدمتون هيون اڄ مان انهي جو پٽ اوهان وٽ ووٽ لاء لنگهي آيو آھيان. علي گوهر خان اسان جو وڏو آھي پر سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ميرن کي گهران لڳي هئي. انشاء الله انهي کي ڪنٽرول به اسان ڪنداسين. ڪجھ قوتون باه مٿان پئٽرول هارڻ لاء ڪوششون ڪن پيون پر انهن جو ڪوششون ناڪام ٿي وينديون. هن وڌيڪ چيو ته غلط افواه آھن ته منهنجي ڪري مهر خاندان ڪڻا ڪڻا ٿي ويا آھن ,ايم پي اي ,ايم اين اي ,۽ ضلع ,تعلقه چيئرمين اهي آھن اسان کي هر شي کان پري رکيو ويو ,جڏھن زيادتون وڌي وينديون آھن تڏھن پنهنجي حقن لاء آواز اٿارڻ کپي ,اهو سنڌ جي تاريخ آھي ته سنڌي ماڻھو هميشه پنهنجن حقن لاء آواز اٿاريندا رهيا آھن هن وڌيڪ چيو ته جتي مان ڏسندس ناجائزي ٿي رهي آھي اتي مان ضرور وڙھندس.











روزاني سنڌ يار ھڪ بھترين اخبار ٿي اڀري آهي، الله پاڪ کان دعا آهي تہ سنڌيار اڃا وڌيڪ ترقي ڪري، آمين