ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميمبر قومي اسيمبلي علي وزير جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت علي وزير جي ضمانت واري درخواست تي گذريل ٻڌڻي تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو هو.عدالت علي وزير جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، علي وزير اڳ ئي 3 ڪيسن ۾ ضمانت ٿي چڪو آهي.پوليس موجب علي وزير خلاف بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










