علي ظفر پاران پي ايس ايل تراني تي تنقيد ڪندڙن لاءِ پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار علي ظفر پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ايڊيشن آفيشل تراني تي تنقيد ڪندڙن کي مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته توهان ماڻهن طرفان ملندڙ محبت ۽ حمايت جو بيحد شڪرگذار آهيان. گلوڪار وڌيڪ لکيو ته توهان سڀني کي گذارش آهي ته توهان سڀني فنڪارن جي ڪاوشن جي حوصلا افزائي ڪيو اسان هڪ جو ئي خاندان وانگي آهيون پي ايس ايل ۽ اسان جي موسيقي پاڪستان سان آهي. علي ظفر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هيش ٽيگ پاڪستان زندهه آباد سميت پي سي ايل 5 به لکيو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ايس ايل 5 جو آفيشل ترانو تيار ڪرڻ کان پوءِ رليز ڪيو ويو جنهن کي گلوڪار علي عظمت، عارف لوهار، هارون رشيد ۽ عاصم اظهر ڳايو جڏهن ته ان جي هدايتڪاري معروف موسيقار ذوالفقار جبار خان ۽ ڪمال خان ڏني آهي. ان تراني جي رليز ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين طرفان بيحد تنقيد ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو