ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي جي گهر کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل بيان مطابق علي زيدي جي گهر کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي علي زيدي کي ڊفينس ۾ رهائشگاهه ۾ منتقل ڪيو ويو آهي سب جيل قرار ڏيڻ کان پوءِ علي زيدي جي گهر جي ڀرپاسي پوليس جا اٽالا مقرر ڪيا وياآهن پي ٽي آئي اڳواڻ چيو ته امڙ جو گهر سب جيل ڊڪليئر ڪندي هتي منتقل ڪيو ويو آهي مون کي ان ٿاڻي ۾ آندو ويو جيڪو منهنجي وزارت جو حصو هو هن چيو ته سياسي مخالفت سخت آهي ۽ رهندي، پر مخالفت کي ذاتيات ۾ تبديل ڪيو ويو عمران خان تي هر قسم جا ڪيس ڪيا ويا جن جو ڪوئي نه منهن نه سر، پي ٽي آئي جي پوري قيادت کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته ساهه کڻي رهيو آهيان مون کي جيڪب آباد کڻي وڃڻو هو مان چيو ته طبيعت صحيح نه آهي ڪراچي ۾ رکيو وڃي جنهن تي هوم سيڪريٽري جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ته هن منهنجي ڳالهه ٻڌي مون کي گرفتار ڇو ڪيو ويو اڃا تائين ڪا خبر نه آهي. هن چيو ته هن شهر ۾ جيڪي وڳوڙ ٿيا اسان کي پتو آهي ته ڪير ڪرائي رهيو آهي مان پنهنجن ماڻهن کي روڪڻ وڃي رهيو هيس ته پوليس اوچتو کمڀي ورتو.










